ميٽا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مارڪ زڪربرگ ڪمپني جي هٿرادو ڏاهپ (اي آءِ) جي شعبي ۾ وڏين تبديلين جو اعلان ڪري ڇڏيو.
هن اعليٰ سطحي ايگزيڪيوٽوز کي ڀرتي ڪيو آهي، جن کي 100 ملين ڊالرن کان وڌيڪ معاوضي جا پيڪيج ڏنا ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب ميٽا طرفان اندروني ميمو ۾ ان نئين حڪمت عملي تي روشني وڌي وئي آهي، جنهن تحت ڪمپني پنهنجي اي آءِ صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر ۽ واڌ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
ٽيڪنالاجي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو قدم ميٽا لاءِ ويجهي مستقبل ۾ نه رڳو هٿرادو ڏاهپ جي ڊوڙ ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو پر عالمي سطح تي ٽيڪ انڊسٽري ۾ به نئين مسابقت کي جنم ڏيندو.
You might also like