بنگلاديش جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني اختيارين لاءِ ويزا شرط ختم

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش پاڪستان جي سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ هولڊرز لاءِ ويزا شرط ختم ڪري ڇڏيو.
اهو پهريون موقعو آهي جو 1971 ۾ آزادي کانپوءِ اهڙي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، جنهن کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.
بنگلاديشي ميڊيا موجب ان فيصلي کانپوءِ پاڪستاني اختياريون هاڻ بنا ويزا جي بنگلاديش جو سفر ڪري سگهنديون.
ٻنهي ملڪن سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو آهي، جنهن ۾ انسٽيٽيوٽ ٽريننگ ۽ پوليس ٽريننگ جا شعبا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.