اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ ۽ ن ليگ ضمني اليڪشن گڏجي وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پ پ جي سينيئر اڳواڻ راجا پرويز اشرف ريلوي واري وزير حنيف عباسي سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ضمني چونڊن ۾ هڪٻئي خلاف اميدوار نه بيهارڻ جو اعلان ڪيو.
راجا پرويز اشرف چيو ته ن ليگ ۽ پ پ گڏجي ضمني چونڊن ۾ حصو وٺنديون، اسان اتفاق راءِ سان معاملن کي حتمي شڪل ڏني آهي.
حنيف عباسي چيو ته ٻئي جماعتون هڪٻئي جي اميدوارن کي سپورٽ ڪنديون، عام چونڊن ۾ جتي ٻئي نمبر تي ن ليگ هئي، اتي پ پ اميدوار نه بيهاريندي، اهڙي ريت جتي پ پ ٻئي نمبر تي هئي، اتي ن ليگ اتحادي جماعت جي اميدوار کي سپورٽ ڪندي.
Prev Post
You might also like