سهيل وڙائچ جي ڪالم کان ڪيترائي ڏينهن بعد ترديد ڇو آئي؟ سوشل ميڊيا

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)عرب نيوز سان وابسته صحافي نعمت خان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سهيل وڙائچ جي واقعي ئي فوجي  سربراهه فِيلڊ مارشل عاصم منير سان ٻه ڪلاڪ ملاقات نه ٿي آهي، ته پوءِ اها ڳالهه سندن صحافتي ساک تي وڏو سوال اُٿاري ٿي،سينيئر صحافي نصرت جاويد ڪالم تي تبصرو ڪندي چيو ته سهيل وڙائچ هڪ محنتي رپورٽر ۽ ڪالم نگار جي حيثيت سان حتمي پاليسي سازن تائين رسائي لاءِ جيڪو ڪجهه به ڪندا، اهو سندن حق آهي۔سابقه قومي اسيمبلي جي ميمبر سائرہ بانو به فوجي ترجمان جي ميڊيا ڳالهه ٻولهه ۽ سهيل وڙائچ جي ڪالم تي ردعمل ڏيندي چيو ته خدا ڄاڻي ڪير سچ پيو ڳالهائي.،ٻئي طرف صحافي محمد عمير پليٽفارم "ايڪس” تي لکيو ته سهيل وڙائچ جهڙو صحافي بغير ڳالهه ٻولهه جي اهڙي وڏي خبر (انٽرويو) ڇاپي ئي نٿو سگهي۔ ڳالهين ۾ 19-21 ٿي سگهي ٿو، پر اهو مڃڻ ڏکيو آهي ته ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي۔ انٽرويو ۾ ڪيل ڳالهين تي اهڙو ردعمل آيو جو ترديد ڪرڻي پئي، ٻي صورت ۾ انٽرويو ڇپجڻ جي ڪيترن ڏينهن بعد ترديد ڇو آئي؟ اها ساڳئي ڏينهن به پريس رليز ذريعي ٿي سگهي پئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.