نيو يارڪ (امتياز گل) اسٽيبلشمينٽ سهيل وڙائچ جي انٽرويو کي رد ڪري ڇڏيو آهي . ته ڇا سهيل وڙائچ جي مضمونن ۾ ڏنل تجويزن ۾ هو گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا؟ گهڻن مبصرن جو چوڻ آهي ته سهيل وڙائچ جي ذريعي ڳالهيون اٿاريون ويون ۽ پوءِ کيس اڪيلو ڇڏيو ويو ته هن ذاتي مقصدن تحت انٽرويو ڄاڻايو آهي ۽ اداري کي به سوچي سمجهي اهو ڇاپڻ گهربو هو. اهو اسٽيبلشمينٽ ۽ ميڊيا ۾ غير يقيني صورتحال کي وائکو ڪري ٿو. اهو واضح ناهي ته واقعي انٽرويو ٿيو هو يا سهيل وڙائچ جذبات ۾ اچي انٽرويو لکي ڇڏيو. مضمونن ۾ هن معافي جو ذڪر ڪيو ته عمران خان معافي گهري وٺي ۽ خاموشي اختيار ڪري ته جيل مان نڪري سگهي ٿو. سهيل وڙائچ جيڪو بيانيو ٺاهيو اهو پنهنجي موت مري ويو. سوال اهو آهي ته آءِ ايس پي آر جي وضاحت تي ڇا سهيل وڙائچ تي پيڪا ايڪٽ لاڳو ٿيندو؟ اهو اڃا ڏسڻو پوندو ته کيس ڪهڙا نتيجا ڀوڳڻا پون ٿا.