لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پي پي پي جي باني قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي موڀي پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو طرفان نئين پارٽي ٺاهڻ کان اڳ لاڙڪاڻي مان عوامي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالھ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پاران شهر جي نوجوانن طرفان ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي وڏن سان گڏ نوجوانن جي به عزت ڪندو آهيون جن سان گڏجي اسان جي جدوجهد جاري رهندي، الله تعالي رستو ڏيکاريندو آهي، مان ڪجهه سال اڳ چيو هو ته مان سياست ۾ حصو نه وٺندس ڇاڪاڻ مان موروثي سياست جي خلاف هيس پر هاڻي سياست ۾ اچي دعا ٿو ڪيان ته نوجوانن مان وزيراعظم اچي. هن چيو ته هن استحصالي نظام نوجوانن مٿان ايڏيون رڪاوٽون وڌيون آهن جو نوجوان پئسن بغير امتحان ڏئي نه ٿا سگهن، لکين روپيا ڀري يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي نه ٿا سگهن، صدين کان ڪرپٽ اچن پيا انهن چهرن مان اسان بيزار ٿي ويا آهيون اسان کي مزدور، شاگرد ۽ نوجوان گهرجن. هن چيو ته اسان کي الله تعالي ۽ درياهه رستو ڏيکاريو، درياهه چيو ته مان مري رهيو آهيان مون کي بچايو، هن وقت سنڌو درياهه خطري ۾ آهي، اسان چار اپريل تائين پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪري درياهه کي بچايو. هن چيو ته اسان گرين انيشئيٽو منصوبي ۾ پئسو نه لڳائيندا سين ان منصوبي کي ختم ڪنداسين. هن چيو ته اسان نوجوانن کان پارٽي جي شروعات ڪري رهيا آهيون اسان جو تجربو مختلف آهي. هن چيو ته جنرل ضياءَ شاگرد يونين تي پابندي وڌي ۽ شهيد ڀٽو شاگرد يونين ٺاهي، نوجوان اسان جا سپاهي آهن جيڪي هڪ فوج آهن، هي نوجوان اسان جي مظلومن جا سپاهي آهن، جيڪڏهن مظلوم توهان ڪي در تي اچي ٽيم ذوالفقار ۾ شموليت ڪري ته ان کي انڪار نه ڪيو اهو ڀلي نابين، گونگو ۽ ٻوڙهو هجي، اسان انهن جي لاءِ محنت ڪنداسين، ڪنهن تقريب ۾ ڪنهن مون کي گڊ لڪ چيو جنهن کي مون چيو ته پاڪستان به گڊ لڪ تي هلي رهيو آهي هڪ کي ڪرسي تان هٽائي ٻئي کي ويهاريو ويندو آهي، اسان کي ڪرسي نه پر غريبن، مزدورن، شاگردن، وڪيلن جي سياست ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان به ڏينداسين، نوجوان اسان کي رستو ڏيکاريندا، اسان جا وڏا پاڻ ۾ گهڻو وڙهيا اسان ان ويڙهه مان مايوس ٿياسين ان مثال کي اڳتي نه کڻي هلو، نوجوانن متحد ٿين، اختلاف وسارين، اسان کي مساوات، برابري گهرجي، پاڪستان، سنڌ ۽ لاڙڪاڻي، شاهه لطيف ڀٽائي جي نالي تي متحد ٿيو. هن چيو ته جن عالمي ادارن کان اربين ڊالر ورتا ۽ 2022ع واري ٻوڏ ۾ چيو ته آئنده ٻوڏ نه ايندي زرداري صاحب اهي پئسا ڪيڏانهن ويا؟ هاڻي زرداري آهي سڀاڻي ٻيو ڪو سامراج هوندو ان خلاف اسان کي قدم وڌائڻو پوندو. هن چيو ته نوجوان ڪم ڪري صبر ڪن اسان اهڙي مضبوط پارٽي ٺاهيندا سين جنهن کي ڪير به ختم نه ڪري سگهندو.