آصف زرداري تي تنقيد ڪندڙ مرتضيٰ سولنگي سندس دفاع ڪندو؟

اسلام آباد (قربان بلوچ) صدر آصف علي زرداري پنهنجو نئون ترجمان مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ اڳوڻي نگران وفاقي وزير ۽ مرتضيٰ سولنگي کي چونڊيو ويو آهي. ايوان صدر جي نوٽيفڪيشن موجب مرتضيٰ سولنگي بنا ڪنهن مالي فائدي يا معاوضي جي صدر جي ترجمان طور ڪم ڪندو. ان تي بحث اهو آهي ته مرتضيٰ سولنگي ماضي ۾ پيپلزپارٽي ۽ آصف علي زرداري تي تنقيد ڪندو رهيو آهي. ان کان اڳ آصف علي زرداري جي اڳوڻي دور ۾ م مرتضيٰ سولنگي کي ڊي جي ريڊيو پاڪستان مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ڊاڪٽر شاهد مسعود به سخت تنقيد ڪندو هو ته کيس پي ٽي وي جو سربراهه بڻايو  ويو هو. پيپلزپارٽي جي جيالن جو ان حوالي سان گڏيل رد عمل اچي رهيو آهي. مرتضيٰ سولنگي جي صدر جي ترجمان طور مقرري تي پيپلزپارٽي جا جيالا ڪاوڙيل نظر اچن ٿا. هڪ پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته اسان هن دور ۾ ڀڄي نٿا سگهون وٽس ڪو ٻيو جواب نه هو. صدر آصف علي زرداري پنهنجي مخالفن کي بنا ڪنهن جي ڳالهه جي ڳلي لڳائي وٺندو آهي ۽ وڏو عهدو به ڏئي ڇڏيندو آهي. هاڻي اهو چيو پيو وڃي ته مرتضيٰ سولنگي جيڪو تنقيد ڪندو هو اهو صدر آصف علي زرداري جي دفاع ۾ ڪيئن ڳالهائيندو؟ فرحت الله بابر، عامر فدا پراچا جي جاءِ تي صدر جو ترجمان مرتضيٰ سولنگي هوندو ۽ صدر جي سياسي، آئيني ۽ قانوني معاملن جي  حوالي سان جڏهن به ضرورت پوندي ان جو دفاع ڪندو ۽ بيان به جاري ڪندو ۽ مخالفن سان مقابلو به ڪندو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، جمعو 22 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.