بگ بيش ليگ: هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني شوقينن لاءِ اسٽينڊ ٺاهڻ جو فيصلو

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) بگ بيش ليگ دوران هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني ڪرڪيٽ فينز لاءِ اسٽينڊ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ هڪ اسٽينڊ مخصوص ڪيو ويندو، ايم سي جي ۾ ان مخصوص اسٽينڊ کي هائوس آف رئوف جو نالو ڏنو ويندو.
ميلبورن اسٽارز جي ميچن دوران پاڪستانين سميت ڏکڻ ايشيائي فينز جي دلچسپي لاءِ اسٽينڊ جوڙيو ويندو، گذريل سيزن ۾ به ايم سي جي پاڪستان اسٽينڊ ٺاهيو ويو هو.
ميلبرن اسٽارز جي جنرل مينيجر ميڪس ايبٽ جو چوڻ آهي ته هاوس آف رئوف ٺاهڻ جو مقصد پاڪستاني شوقينن جو ڌيان حاصل ڪرڻ آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستاني فينز اچن، اسان جي ميچن مان لطف اندوز ٿين ۽ پنهنجي ثقافت کي اجاڳر ڪن.
هن چيو ته حارث رئوف ميلبورن اسٽارز جو شاندار ايمبيسيڊر آهي، اسان منتظر آهيون ته پاڪستان جو پرجوش ڪرائوڊ اچي ۽ ميلبورن اسٽارز کي سپورٽ ڪري.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني ڪرڪيٽرن لاءِ ايندڙ پاڪستاني فينز سبب ايم سي جي ۾ دلڪش ماحول پيدا ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.