برساتن ۾ ٿيندڙ بيماريون، گهر ۾ موجود 5 مصالحن سان علاج ڪيو

برساتن جي موسم ۾ ڪيترائي مرض عام ٿي وڃن ٿا، جن ۾ زڪام، بخار، کنگهه، دست ۽ ٻيا مرض شامل آهن، جن جو فوري طور تي علاج ڪجي ته بهتر آهي.
ڀلي ماڻهو برسات جي پاڻي ۾ نه ڀِڄي پوءِ به جيت جڻا ضرور ڪنهن نه ڪنهن بيماري جو سبب بڻجن ٿا.
اهي بيماريون عام طور تي گدلي پاڻي، غير محفوظ خوراڪ يا متاثر ماڻهو سان رابطو ٿيڻ جي صورت سبب پکڙجن ٿيون.
ماهرن موجب فوري طور آرام لاءِ هي 5 گرم مصالحا ضرور استعمال ڪرڻ گهرجن، جن ۾ ادرڪ، هيڊ، دارچيني، ڪارا مرچ ۽ لونگ شامل آهن.
ادرڪ
ادرڪ قدرتي طور تي اينٽي بيڪٽيريل ۽ اينٽي وائرل خاصيتون رکي ٿو، برساتن ۾ ڳلي جي خرابي، کنگهه، زڪام ۽ هاضمي جي خرابي جي صورت ۾ اهو فائديمند آهي، جڏهن ته پيٽ ۾ گئس ۽ الٽي ۾ به آرام ڏئي ٿو.
هيڊ
هيڊ هڪ طاقتور اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ اينٽي سيپٽڪ آهي، اها جلد جي انفيڪشن، الرجي ۽ سوڄ کان بچائي ٿي، مدافعتي قوت کي به وڌائي ٿي، ان کي کير ۾ وجهي پيئڻ وڌيڪ فائدو ڏيندو.
دارچيني
دار چيني جسم کي گرمي پهچائي ٿي ۽ ٿڌي ماحول ۾ جسم جي حرارت کي برقرار رکي ٿي، وائرل بخار ۽ زڪام خلاف اثرائتي آهي، دار چيني بلڊ شگر کي متوازن رکڻ ۾ به مدد ڏئي ٿي.
ڪارا مرچ
برساتي موسم ۾ ڪارا مرچ بلغم ڪڍڻ ۾ مدد ڏين ٿا، ڳلي جي خرابي، زڪام ۾ فائديمند آهن، اهي هاضمي کي بهتر بڻائين ٿا ۽ بک وڌائين ٿا.
لونگ
لونگ ۾ جراثيم مارڻ واريون خاصيتون هونديون آهن، کنگهه، ڳلي جي سوڄ ۽ ڏندن جي سور لاءِ فائديمند آهن، برساتن ۾ پيٽ جي ڪيڙن ۽ ٻين جراثيمي بيمارين کان بچائين ٿا، توهان لونگ جي چانهه به پي سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.