واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پنهنجي 6 ورهين جي پٽ کي قتل ڪندڙ انتهائي گهربل ماڻهن مان هڪ سينڊي سنگهه کي ايف بي آءِ ڀارت مان گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي جاچ اداري ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل تصديق ڪئي ته دنيا جي 10 انتهائي گهربل ماڻهن مان هڪ سينڊي سنگهه کي ڀارت مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
سينڊي کي ٽيڪساس اختيارين جي حوالي ڪرڻ لاءِ ڀارت مان واپس آمريڪا منتقل ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته سينڊي ريڊريگز سنگهه کي پنهنجي 6 ورهين جي پٽ نوئل ريڊريگز الواريز جي قتل جي الزام کانپوءِ ايجنسي جي 10 انتهائي گهربل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو هو، هوءَ قانوني ڪارروائي کان بچڻ لاءِ ڀارت فرار ٿي وئي هئي.
Prev Post
You might also like