نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت پاڪستان سان راندين جي ٻه طرفي لاڳاپن تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي، هاڻي ٻنهي ملڪن جون ٽيمون رڳو گهڻ رخي ايونٽن ۾ دوبدو ٿينديون.
ڀارتي راندين واري وزارت هڪ نئين ۽ سخت پاليسي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت هاڻي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ٻه طرفي راندين جي سرگرمي نه ٿيندي،پوءِ اِها کڻي ٻنهي ملڪن جي اندر هجي يا نيوٽرل وينيو تي.
ان باوجود ڀارتي ٽيم کي ايشيا ڪپ جهڙن وڏن ايونٽن ۾ شرڪت جي اجازت هوندي ڇو ته اهي مقابلا عالمي فيڊريشنز جي نگراني هيٺ ٿيندا آهن.
پريس ٽرسٽ آف انڊيا جي رپورٽ موجب، پاليسي فوري طور لاڳو هوندي، جنهن تحت ڀارتي رانديگر پاڪستان وڃي ڪنهن سيريز ۾ حصو نه وٺي سگهندا ۽ نه ئي پاڪستاني رانديگر ڀارت اچي ڪنهن ٻه طرفن مقابلن شرڪت ڪري سگهندا، پر جيڪڏهن ڀارت ڪنهن عالمي ايونٽ جي ميزباني ڪندو ته پاڪستاني ٽيم يا رانديگر ان ۾ حصو وٺي سگهندا.
نئين پاليسي موجب، جيڪڏهن ڪنهن وڏي ايونٽ جي ميزباني پاڪستان وٽ هوندي ته ڀارتي راندين واري وزارت ان وقت صورتحال موجب فيصلو ڪندي.
ڀارتي راندين واري وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان راندين ۾ ڀارت جو رويو اصل ۾ ٻنهي ملڪن جي مجموعي لاڳاپن جي پاليسي جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اهو ته ڀارت هاڻي دنيا ۾ هڪ اعتماد جوڳو ميزبان ملڪ طور ساک ٺاهي چڪو آهي.
واضح رهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ راندين جا لاڳاپا سياسي تڪرارن هيٺ ڊگهي عرصي کان متاثر رهيا آهن.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ جي ٻه طرفي سيريز 2012 کان معطل آهي ۽ باقي رانديون به گهڻو ڪري عالمي يا ايشيائي ايونٽن تائين محدود ٿي ويون آهن.
ڪيئي موقعن تي مختلف ڀارتي ٽيمون پاڪستان وڃڻ کان انڪار ڪنديون رهيون آهن، جڏهن ته پاڪستان به پنهنجن رانديگرن کي ڀارت موڪلڻ ۾ احتياط وارو رويو اختيار ڪندو رهيو آهي.
ويجهرائي وارن سالن دوران ان ڇڪتاڻ سبب وڏن ايونٽن تي به غير يقيني واري صورتحال ڇانيل رهي آهي .
گذريل مهيني پاڪستان اسپورٽس بورڊ به سڀني قومي فيڊريشنز کي هدايت ڪئي هئي ته ڀارت ۾ ڪنهن به راند ۾ شرڪت کان اڳ حڪومت سان صلاح ۽ اجازت لازمي ورتي وڃي ڇو ته اتي سيڪيورٽي جا خدشا موجود آهن.
ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو ٽڪر 14 سيپٽمبر تي دبئي ۾ شيڊيول آهي. ان کان اڳ جولاءِ ۾ ليجنڊز ليگ ۾به ڀارتي رانديگرن گروپ ميچ سيمي فائنل ۾ ڀارتي رانديگرن تازي ڇڪتاڻ جو حوالو ڏيندي پاڪستان خلاف کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
You might also like