اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ 9 مئي واقعن جي ڪيسن ۾ گرفتار تحريڪ انصاف جي 63 ڪارڪنن جون گرفتاري کانپوءِ ضمانت جون درخواستون منظور ڪري ورتيون.
جڊيشل ميجسٽريٽ مريد عباس محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ڪارڪنن جي آزادي جو حڪم ڏنو.
عدالت مارگلا ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ گرفتار 40 ڪارڪنن ۽ انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ گرفتار 23 ڪارڪنن جي ضمانت منظور ڪئي.
تحريڪ انصاف جي انهن ڪارڪنن تي قتل جي قدمن، ڦر ۽ ٻين سنگين قلمن تحت ڪيس قائم ڪيا ويا هئا.
واضح رهي ته اڄ ئي سپريم ڪورٽ 9 مئي جي 8 ڪيسن ۾ عمران خان جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
You might also like