ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايم اي جناح روڊ تي ڦٽاڪڻ جي گودام ۾ زوردار ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ 34 زخمي ٿي پيا.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي فائر بريگيڊ جون گاڏيون، پوليس ۽ رينجرز جي نفري پهچي وئي.
پوليس موجب ڌماڪي سبب اتي موجود گاڏين کي سخت نقصان پهتو، جڏهن ته ڀر ۾ موجود عمارت جا شيشا ٽٽي پيا.
پوليس ٻڌايو ته گودام جا مالڪ ٻئي ڀائر آهن، اهي به ڌماڪي ۾ زخمي ٿيا، هڪ جو شروعاتي بيان ورتو ويو آهي، ٻنهي کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو.
Prev Post
You might also like