اڳوڻو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي صدر جو ترجمان مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي نگران سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي کي صدر جو ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب مرتضيٰ سولنگي جي مقرري فوري طور ٿيندي، سندس عهدو اعزاري هوندو، اها مقرري ايندڙ حڪم تائين اثرائتي رهندي.
نوٽيفڪيشن صدر آصف علي زرداري جي سيڪريٽري شڪيل ملڪ جاري ڪيو، جنهن جي نقل وزيراعظم، وفاقي ڪابينا سميت لاڳاپيل اختيارين کي موڪلي وئي آهي.
مرتضيٰ سولنگي ايڪس تي لکيو ته مان سڀاڻي کان پنهنجون ذميواريون سنڀاليندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.