”ٻوڏ جي پاڻي ۾ لُڙهي ويا هوندا“ وارثن طرفان آخري رسمن جي ادائيگي دوران ٽي نوجوان گهر موٽي آيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ٻوڏ دوران گم ٿيل ٽي نوجوان ان وقت اوچتو گهر پهچي ويا، جڏهن سندن آخري رسمون جاري رهيون ۽ پوءِ منظر ئي تبديل ٿي ويو.
اهو واقعو بهار رياست جي علائقي چمپارن جي ڳوٺ ڌرالي ۾ پيش آيو، ان ڳوٺ جا ٽي نوجوان 5 آگسٽ تي تيز برساتن ۽ ٻوڏ دوران گم ٿي ويا هئا.
نوجوانن جا نالا راهل مکيا، منا مکيا ۽ روي ڪمار آهن، جيڪي مزدوري ڪندا آهن، ٻوڏ واري ڏينهن به هو مزدوري لاءِ گهران نڪتا هئا، پوءِ تيز برسات شروع ٿي وئي ۽ ٻوڏ اچي وئي، جنهن کانپوءِ گهر ڀاتين جو انهن سان رابطو نه ٿي سگهيو هو.
نوجوانن جا وارث ۽ انتظامي اختياريون به کين ڳولينديون رهيون پر هو هٿ نه آيا، جنهن کانپوءِ گهر وارن آسرو پلي ڇڏيو ۽ سمجهيو ته هو فوت ٿي ويا آهن پر حقيقت ۾ نوجوان اتي موجود ئي نه هئا، جتي ٻوڏ آئي.
ان ڏينهن هو روزي جي ڳولا ۾ گنگوٽري جي علائقي ڏانهن نڪري ويا هئا، جيڪو ان علائقي کان تقريبن 10 ڪلو ميٽر فاصلي تي آهي، جتي لينڊ سلائيڊنگ ٿي ۽ ٻوڏ آئي.
موسمي صورتحال سبب بجلي جو نظام به متاثر ٿيو، جڏهن ته نوجوان جنهن علائقي ۾ ڪم جي ڳولا ۾ ويا، اتي موبائل سروس ڪم ناهي ڪندي، تنهن ڪري هو گهر وارن سان رابطو نه ڪري سگهيا.
نوجوانن صحافين کي ٻڌايو ته اسان کي ٻوڏ جي خبر نه هئي ۽ اها به خبر نه هئي ته گهر وارا ڳولي رهيا آهن، گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ڪندڙ ريسڪيو ٽيم اسان وٽ پهتي ۽ پاڻ سان گڏ وٺي وئي.
وارثن صحافين کي ٻڌايو ته ٻوڏ جا وهڪرا بي رحم هئا، اسان اهو ئي سمجهيو ته نوجوان وهي ويا آهن، پوءِ اسان علامتي طور آخري رسمون ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، نوجوانن کي جيئرو ڏسي اسان جي خوشي جي ڪا حد ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.