ملير ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ محمد خان ابڙو شهيد

ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جي علائقي شاهه ٽائون ۾ فائرنگ ۾ اي ايس آءِ شهيد ٿي ويو.
پوليس موجب اي ايس آءِ محمد خان ابڙي کي شاهه ٽائون ۾ پنهنجي گهر ٻاهران گوليون هنيون ويون، هو اسٽيل ٽائون ٿاڻي ۾ مقرر هو.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته محمد خان ابڙي کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن سورن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.