اسلام آباد(فخر دراني)آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) رضوان اختر تي ماضي ۾ ڪرپشن جا الزام لڳا هئا تڏهن افواهه هليا هئا ته ڪراچي ۾ ڊي جي رينجرز طور مقرري دوران هن اتان مال ڪمايو جنهن سبب کيس استعيفيٰ ورتي وئي،ان حوالي سان سندس ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته هن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي،انهن ڳالهين ۾ ڪا به صداقت ناهي،جڏهن ته اهو انڪشاف ٿيو آهي ته جنرل رضوان اختر جي ڊي جي آءِ ايس آءِ طور بدلي ٿيڻ بعد نئين ايندڙ ڊي جي جنرل نويد مختار تڏهوڪي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي رپورٽ ڏني ته جنرل رضوان اختر هڪ سياسي پارٽي جي اندرين معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، جنرل باجوا نويد مختار کان ان حوالي سان ثبوت گهريا جيڪي جنرل رضوان اختر آڏو پيش ڪيا ويا ته يا ته انهن الزامن کي منهن ڏئي يا نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي جنهن بعد 9 آڪٽوبر 2017ع ۾ جنرل رضوان اختر اين ڊي يو جي صدارت تان استعيفيٰ ڏني،ان حوالي سان جنرل (ر)رضوان اختر کان موقف وٺڻ لاءِ ساڻس ٻه ڀيرا رابطو ڪيو ويو پر هن موڪليل اي ميل جو ڪو به جواب نه ڏنو.