اسلام آباد (اسد طور) اڪنامڪ پاليسي اينڊ بزنس ڊولپمينٽ ٿنڪ ٽينڪ طرفان ريسرچ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٽاپ 40 پبلڪ اينڊ پرائيويٽ پرسيپشن انڊيڪس تي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ 20 واپاري گروپ شامل آهن جن جي ترتيب هن ريت آهي. فوجي فائونڊيشن مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 5.904 ارب ڊالر، گروپ اڪيوٽي 2.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ، بيسٽ ويز ۽ يو بي ايل گروپ (انور پرويز) مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 4.5 ارب ڊالر، گروپ اڪيوٽي 3.6 ارب ڊالر، محمد علي ٽبا جو لڪي ۽ يونس ويلرز گروپ مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 2.5 ارب ڊالر، گروپ اڪيوٽي 1.8 ارب ڊالر کان وڌيڪ، ميان منشا جو نشاط گروپ (ايم سي بي بينڪ سميت) مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 2.39 ارب ڊالر، گروپ اڪيوٽي 92 ڪروڙ ڊالر، حسين دائود جو اينگرو گروپ مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 2.39 ارب ڊالر، گروپ اڪيوٽي 70 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ، رياض ادريس جو ميزان بينڪ گروپ مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 2.38 ارب ڊالر، گروپ اڪيوٽي 80 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ، عارف حبيب گروپ مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 1.5 ارب ڊالر، گروپ اڪيوٽي 60 ڪروڙ ڊالر، سلطان علي الانا جو آغا خان فنڊ (حبيب بينڪ لميٽڊ) مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 1.5 ارب ڊالر، گروپ اڪيوٽي 96 ڪروڙ ڊالر، شعيب ملڪ جو اٽڪ گروپ مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 1.35 ارب ڊالر، گروپ اڪيوٽي 84 ڪروڙ ڊالر، ناصر محمود کوسا جو پاڪستان ٽباڪو (برٽش آمريڪن ٽباڪو سان لاڳاپيل) مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 1.24 ارب ڊالر، گروپ اڪيوٽي 1.18 ارب ڊالر کان وڌيڪ، سلطان علي لاکاني جو ليڪسن گروپ (ايڪسپريس نيوز مالڪ به) مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 1.20 ارب ڊالر، گروپ اڪيوٽي 72 ڪروڙ ڊالر، رفيق ۽ حبيب جو هائوس آف حبيب مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 1.17 ارب ڊالر، گروپ اڪيوٽي 84 ڪروڙ ڊالر، شيخ مختار احمد جو ابراهيم فائبر (الائيڊ بينڪ سان لاڳاپيل) مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 1.12 ارب ڊالر، گروپ اڪيوٽي 1 ارب ڊالر کان وڌيڪ، افتخار شيرازي جو اٽلس هونڊا گروپ مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 77 ڪروڙ ڊالر، گروپ اڪيوٽي 38 ڪروڙ ڊالر، احمد پراچا جو يوني ليور مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 72 ڪروڙ ڊالر، گروپ اڪيوٽي 69 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ، اياز حسين جو سسٽمز لميٽڊ مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 72 ڪروڙ ڊالر، گروپ اڪيوٽي 25 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ، عباس حبيب جو بينڪ الحبيب فيملي گروپ مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 76 ڪروڙ ڊالر، گروپ اڪيوٽي 24 ڪروڙ ڊالر، مسعود اسماعيل جو اسماعيل انڊسٽريز مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 58 ڪروڙ ڊالر، گروپ اڪيوٽي 50 ڪروڙ ڊالر، طارق سعيد جو ڪوهينور گروپ مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 54 ڪروڙ ڊالر، گروپ اڪيوٽي 35 ڪروڙ ڊالر، جهانگير صديقي جو جي ايس گروپ مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 49 ڪروڙ ڊالر، گروپ اڪيوٽي 28 ڪروڙ ڊالر شامل آهن. رپورٽ ۾ 20 انڊيويجوئيل واپاري شامل آهن جيڪي هن ريت آهن. سيد بابر علي (پيڪيجز گروپ) اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ مارڪيٽ ويليو، فواد مختار (فاطما گروپ) اثاثا 1.8 ارب ڊالر، ساليانو ٽرن اوور 1.5 ارب ڊالر، ميان عبدالله (سيفائر گروپ) اثاثا 1.4 ارب ڊالر، ساليانو وڪرو 1.2 ارب ڊالر، ٽيڪس کان پوءِ منافو 70 ملين ڊالر، سيد ياسين ملڪ (هلٽن فارما) ڊاڪٽر گوهر اعجاز (ليڪ سٽي هولڊنگز لميٽڊ) ليڪ سٽي جي مارڪيٽ ويليو 2.5 ارب ڊالر، حبيب الله خان (ميگا، پايونير سيمينٽ ۽ حبڪو)، مير شڪيل الرحمان (جنگ گروپ)، شيخ محمد (دن گروپ)، عقيل ڪريم ڍيڍي (اي ڪي ڊي گروپ)، بشير جان محمد (ڊالڊا فوڊز)، ميان عامر محمود (پنجاب گروپ آف ڪاليجز، دنيا نيوز) بلين ڊالر گروپ جو حصو، نسيم محمود قصوري (بيڪن هائوس گروپ)، جهانگير ترين (جي ڊي ڊبليو گروپ) بلين ڊالر گروپ جو حصو، پير محمد ديوان 300 ملين ڊالر جي ايڪسپورٽ، يعقوب احمد (آرٽسٽڪ گروپ) فرم جي ڪل ويليو 5 ارب ڊالر، گذريل سال ايڪسپورٽ 850 ملين ڊالر، عليم خان (ويزن گروپ، پارڪ ويو سٽي)، ميان احسان يونس (ايپريل گروپ)، اشرف (لبرٽي گروپ) ونڊ پاور پراجيڪٽس، بلين ڊالر گروپ جو حصو، شاهد سورتي (سورتي گروپ)، نديم ملڪ (ماسٽر گروپ) شامل آهن. ملڪ ۾ 20 واپاري ۽ 20 واپاري گروپ اربين ڊالرن جي لسٽ ۾ آهن جنهن ۾ سڀ کان وڏو گروپ فوجي فائونڊيشن آهي جيڪو 6 کرب جي ويجهو آهي. 40 واپارين کي گڏائجي ته انهن جي ماليت 50 کان 60 کرب ڊالر ٿئي ٿي. ٻئي پاسي ملڪ ۾ 45 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ آهي. اين سي سي آءِ اي کي اختيار ڏنو ويو آهي ته اها اثاثا به ضبط ڪري سگهندي، ٻئي پاسي واپاري اشرافيا بابت ترميم آئي هئي ته ٽيڪس چوري تي کين گرفتار ڪري سگهبو پر آرمي چيف وٽ وڃي پهتا، آرمي چيف چيو ته کين گرفتار نه ڪيو ويندو. انهن ملاقاتن ۾ ادارا ۽ واپاري نه پر ادارو پاڻ واپاري بڻجي ويهندو آهي. فوجي فائونڊيشن گروپ اداري جو آهي، ڊي ايڇ اي، عسڪري، فوجي يوريا، فوجي سيمينٽ، فوجي ڪامپليڪس، عسڪري بينڪ، عسڪري پيٽروليم به انهن جا آهن. زراعت بچي هئي جنهن ۾ گرين انيشيئيٽو ذريعي ان ۾ به فوج اچي وئي آهي. واپارين توڻي فوج جو مفاد هاڻي ملڪ کان به وڏو ٿي ويو آهي، هاڻي عوام جو ووٽ اهميت نٿو رکي. عوامي چونڊيل نمائندا عوامي مرضي تي قانونسازي ڪندا آهن ۽ انهن کان ٽيڪس ورتو ويندو. عوام کي به روزگار جا موقعا ملندا. ان لاءِ شهباز شريف جهڙيون ڪٺ پتلي حڪومتيون آنديون وڃن ٿيون ۽ ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي. شگر مافيا وڏو ناڻو ڪمائي رهي آهي، ڪڻڪ معاملي ۾ اربين رپيا ڌار ڦريا ويا. اسلام آباد ۾ اسٽيبلشمينٽ، عدليه ۽ بيوروڪريسي ڌار ڦرلٽ ڪري رهيا آهن جڏهن ته عوام ذلت جو شڪار آهي. 5 لکن جي ڳالهه تي ايف بي آر جا نوٽيس اچي ويندا پر واپارين کي آرمي چيف تائين رسائي هوندي، وزيراعظم وٽ ڪو اختيار ئي ناهي هوندو. چون ٿا ته 5 کان 10 سالن ۾ ملڪ ترقي ڪندو ڇا چين 10 سالن ۾ ترقي ڪئي آهي؟ ملڪن کي ترقي ۾ ڏهاڪا لڳندا آهن. اسان آءِ ايم ايف کان قرض وٺي رهيا آهيون. 40 واپاري گروپن جي لسٽ کان ڪير پڇاڻو ڪندو ته ڇا انهن ڪيترو ٽيڪس ڏنو آهي؟ روينيو ۾ ڪيترو شيئر ڏنو آهي؟ سڀ کان وڌيڪ روينيو شيئر پگهاردار طبقو ڏئي ٿو. اربين ڊالر جا مالڪ اسان کان گهٽ ٽيڪس ڇو ڏئي رهيا آهن؟ ڇا سڀ پاڻ ۾ مليل آهن؟ رٽائرڊ جنرل باجوا جي اثاثن بابت اسٽوري آئي هئي ته سندس 12 ارب رپين جا اثاثا آهن، ڇا کانئس پڇاڻو ٿيندو؟ جنرل عاصم سليم باجوا کان اربين رپين جي ڪاروبار جو پڇاڻو ٿيندو؟ ٻين جرنيلن کان پڇاڻو ٿيندو؟ ڇا قوم انهن جا اربين رپين جا رٽائرمينٽ پيڪيج افورڊ ڪري سگهي ٿي؟ هتي ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن. اهڙيون ترميم آنديون پيون وڃن ته ڪنهن به شهري کي شڪ جي بنياد تي 3 مهينا قيد ڪري ڇڏيو.