تيز گرم چانهه پيئندڙ مُڙي وڃن! ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

هڪ تازي تحقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ته روزانو تمام گهڻي گرم چانهه پيئڻ سان غذائي نالي جي ڪينسر جو خطرو گهڻي حد تائين وڌي ويندو آهي.
طبي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل تحقيق موجب روزانو اٺ يا ان کان وڌيڪ ڪوپ تمام گهڻي گرم چانهه يا ڪافي پيئندڙ ماڻهن ۾ غذائي نالي (esophagus) جي ڪينسر جو خطرو لڳ ڀڳ ڇهوڻ تي وڌي ويندو آهي، انهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ جيڪي ايتري گرم چانهه ناهن پيئندا.
اها تحقيق برطانيا ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ اڌ ملين ماڻهن جو جائزو ورتو ويو.
نتيجن سان معلوم ٿيو ته تمام گهڻي گرم چانهه غذائي نالي جي اندرين ڀت کي نقصان پهچائي سگهي ٿي ۽ وقت سان گڏ ڪينسر ٿيڻ جو انديشو وڌي وڃي ٿو.
تحقيق دوران اهو به ڏٺو ويو ته مسئلو مشروب جي قسم جو نه آهي پر گرمي پد جو آهي.
ماهرن صلاح ڏني آهي ته ڪو به مشروب فوري طور نه پيئڻ گهرجي پر ڪجهه انتظار ڪجي جيئن گرمي پد گهٽ ٿئي.
ماهرن اهو به چيو آهي ته وڏا ڍڪ نه ڀرجن، ڇو ته ان سان غذائي نالي کي نقصان ٿئي ٿو، هوريان هوريان پيئڻ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.