هيڊ ڪوچ افغانستان کي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن چيو آهي ته شارجا جي ڪنڊيشن رانديگرن لاءِ چيلينجنگ آهي ۽ افغانستان کي ڪنهن به صورت ۾ هلڪو نٿو وٺي سگهجي، انهن خلاف کيڏڻ سدائين هڪ ڏکيو مرحلو ثابت ٿيندو آهي.
ايشيا ڪپ ۽ ٽي ملڪي سيريز لاءِ اسڪواڊ جي اعلان جي موقعي تي ڳالهائيندي مائيڪ هيسن چيو ته ٽي ملڪي سيريز وڏي ٽورنامينٽ جي تياري جو بهترين موقعو فراهم ڪندي.
هن چيو ته ڪنهن به رانديگر جي فارم کي ٽن ميچن جي بنياد تي جاچڻ درست ناهي، بابر اعظم کي ڪجهه شعبن ۾ بهتري جي ضرورت آهي، جڏهن ته صاحبزادا فرحان شاندار ڪارڪردگي سان پاڻ مڃرايو آهي، هو 6 ميچن ۾ 3 ڀيرا مين آف دي ميچ رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.