موسميات کاتي سنڌ ۾ برساتن بابت تازي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ برساتن بابت تازي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سومر 18 آگسٽ تي شهر ۾ وچولي درجي جي برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته اڱاري کان تيز برساتن جا ڪيترائي اسپيل اچڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، گهوٽڪي، سکر، ڪشمور، نوشهري فيروز، دادو، ميرپورخاص، سانگهڙ، خيرپور، شهيد بينظير آباد، حيدرآباد، ڄامشوري ۾ تيز برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
سجاول، بدين، مٽياري ۽ ٿرپارڪر ۾ اڄ کان 19 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان برسات ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.