ٽي ملڪي سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان، بابر ۽ رضوان ڊراپ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ملڪي سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
17 رڪني اسڪواڊ جو اعلان سليڪٽر ۽ هاءِ پرفارمنس سينٽر جي ڊائريڪٽر عاقب جاويد هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن سان گڏجي ڪيو.
اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان)، ابرار احمد، فهيم اشرف، فخر زمان، حارث رئوف، حسن علي، حسن نواز، حسين طلعت، خوشدل شاهه، محمد حارث، محمد نواز، وسيم جونيئر، صاحبزادا فرحان، صائم ايوب، سلمان مرزا، شاهين آفريدي ۽ سفيان مقيم شامل آهن.
عاقب جاويد صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته فخر زمان وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ تسلسل سان پرفارم ڪري رهيو آهي، صائم ايوب ۽ صاحبزادا فرحان جي ڪارڪردگي به بهتر ٿي آهي، ٽيم جي سليڪشن ۾ ڪپتان جي مشاورت شامل آهي، اسڪواڊ ۾ ايتري صلاحيت آهي جو ڪنهن کي به شڪست ڏئي سگهي ٿو.
مائيڪ هيسن چيو ته ٽيم ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ سٺو پرفارم ڪري رهي آهي، اسان گذريل 9 ميچن مان 6 کٽيون، هڪ ميچ آخري بال تي هارائي سين، اسان جو فوڪس ڪاميابي ۽ ان جي تسلسل تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.