خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ تباهي، فوتين جو انگ 350 کان وڌي ويو، ڪيترائي گم

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا صوبي ۾ طوفاني برساتن ۽ ڪلائوڊ برسٽ (بادل ڦاٽڻ) کانپوءِ پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال ۾ 48 ڪلاڪن دوران فوتين جو انگ 350 تائين پهچي ويو آهي. صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي  موجب صوبي جي مختلف ضلعنخاص طور تي سخت متاثر بونير۾ وڌيڪ فوتين جون خبرون مليون آهن. جمعي جي ڏينهن مختلف ضلعن ۾ شديد برساتن ۽ بادل ڦاٽڻ سبب آيل ٻوڏن هڪ ڏينهن ۾ ئي 200 کان وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون. فوت ٿيندڙن ۾ صوبائي حڪومت جي هڪ هيليڪاپٽر جي پنجن عملي جا ميمبر به شامل آهن، جيڪي مهمند ۾ ريسڪيو آپريشن دوران حادثي جو شڪار ٿيا. رپورٽ مطابق، بونير سڀ کان وڌيڪ متاثر ضلعو رهيو، جتي 48 ڪلاڪن اندر 204 ڄڻا فوت ٿيا.رپورٽ مطابق 120 ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته 50 ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن. پي ڊي ايم اي موجب شانگلا ۾ 36،  مانسهرا  23،  سوات ۾ 22 ،  باجوڙ۾ 21 ، بٽگرام ۾ 15،  لوئر دير۾ 5 ،  ايبٽ آباد ۾ 1 ٻار ٻڏي فوت ٿي ويو. حڪومت  بونير، سوات، باجوڙ، شانگله، مانسهره، بٽگرام کي آفت سٽيل علائقو قرار ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.