خواهش آهي ته پاڪستان جو وزيراعظم هڪ هاري ٿئي:جونيئر ذوالفقار ڀٽو

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو)  جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو گلشن حديد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته گلشن حديد جي نوجوانن جو پيار ۽ محبت ڏسي دل خوش ٿي وئي آهي، آئون نئين پارٽي ٺاهي رهيو  آهيان جنهن ۾ هارين مزدورن شاگردن ۽ باصلاحيت نوجوانن سان گڏجي ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪنداسين، هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان جو وزيراعظم هڪ هاري ٿئي، اسان جي پارٽي جو اولين مقصد عوامي سياست آهي اسان ڪرسي واري موروثي سياست جو خاتمو چاهيون ٿا۔ عوامي سياست تي يقين رکون ٿا،هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاران عوام کي روزگار ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ پاڪستان اسٽيل سميت ايٽمي قوت بڻجي دشمن جا ارادا پست ڪري عوام کي خوشحالي ۽ ملڪ جي ترقي جو هڪ الڳ مثال هو، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي خدمت خاطر سياست جو آغاز ڪيو ۽ هن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو پر بدقسمتي سان ملڪ ڪرپٽ ۽ نااهل سياستدان جي ور چڙهي ويو، هن چيو ته اڄ پورهيت ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن ۽ ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب نوجوانن منفي لاڙن ڏانهن رخ ڪيو آهي، جڏهن موجوده پ پ پ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي منشور روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان واري نعري تان ڦري وئي آهي، غريبن کان هڪ ويلي جي ماني ڳڀو به ڦريو ويو آهي، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته جن ماڻهن سنڌو درياءَ  ڏٺو ئي ناهي سنڌو جي مٽي ۾ پير ئي ناهي پاتو انهن کي ڪهڙي خبر سنڌو درياءَ ڇا آهي۔ سنڌو درياءءَ ۾ اسانجو ساھ آهي، هن چيو ته عوام موجوده واڳ ڌڻين کان بيزار آهي ۽ هو هڪ حقيقي ملڪ جي خدمتگار جي ڳولها ۾ آهن ۽ اها فقط اسان جي پارٽي آهي جيڪا عوام ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ انشاءَالله مثال بڻبي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.