گوگل به پاڪستانين سان آزادي جي رنگن ۾ رڱجي ويو ۽ 14 آگسٽ جي موقعي تي نئون ڊوڊل جاري ڪري ڇڏيو.
گوگل طرفان جاري ڪيل نئين ڊوڊل ۾ پاڪستاني جهنڊو ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته پويان گوگل لکيل آهي.
واضح رهي ته گوگل ان کان اڳ به پاڪستان جي آزادي ڏهاڙي تي پنهنجو ڊوڊل تبديل ڪندو رهيو آهي.