ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جشن آزادي جي موقعي تي هوائي فائرنگ سبب هڪ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 75 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، پوليس 20 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
آزادي جي خوشي ملهائيندي شهر جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ ٻارڙي سميت ٽي شهري مارجي ويا، جڏهن ته 75 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن موجب زخمين کي عباسي شهيد اسپتال، جناح اسپتال، سول اسپتال ۽ گلستان جوهر جي هڪ نجي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو.
هوائي فائرنگ جا واقعا لياقت آباد، ڪورنگي، لياري، محمود آباد، اختر ڪالوني، ڪياماڙي، جيڪسن، بلديا، اورنگي ٽائون، پاپوش نگر، شريف آباد، نارٿ ناظم آباد، سرجاڻي ٽائون، زمان ٽائون ۽ لانڍي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ رپورٽ ٿيا.
پوليس موجب مختلف علائقن ۾ ڪارروائين دوران 20 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن جي قبضي مان جديد هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته انهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
You might also like