ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا خلاف آخري ۽ فيصلائتي ٽي ٽوئنٽي ميچ کان اڳ آسٽريليا کي وڏو ڌڪ لڳي ويو ۽ ان جا ٽي رانديگر سيريز کان ٻاهر ٿي ويا.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب مچل اوون ڪن ڪشن جو شڪار ٿي سيريز جي باقي ميچن کان ٻاهر ٿي ويو آهي، جڏهن ته ميٿيو شارٽ ۽ لانس مورس انجرين جو شڪار ٿي سيريز کان ٻاهر ٿيا آهن.
مچل اوورن کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران ڪگيسو ربادا جو بال هيلمٽ تي لڳو هو، پوءِ هو ڪن ڪشن جي اثرن جو شڪار ٿيو ۽ کيس 12 ڏينهن آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.
ميٿيو شارٽ سائيڊ انجري ۽ لانس مورس چيلهه جي تڪليف جو شڪار آهي، ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان ميٿيو ڪهنيمن ۽ ايرون هارڊي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 16 آگسٽ تي کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن ۾ سيريز 1-1 تان برابر آهي.
آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز پڻ کيڏي ويندي.
ڏکڻ آفريقا خلاف فيصلائتي ٽي ٽوئنٽي ميچ کان اڳ آسٽريليا ٽن اهم رانديگرن کان محروم
You might also like