اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) معرڪا حق ۾ ڀارت کي ذلت جوڳي شڪست ڏيڻ ٽي فيلڊ مارشل عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير بابر احمد سڌو کي هلال جرئت، جڏهن ته وفاقي وزيرن ۽ پ پ چيئرمين کي نشان امتياز سان نوازيو ويو.
ايوان صدر ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري سول ۽ عسڪري شخصيتن کي اعليٰ اعزازن سان نوازيو.
صدر طرفان پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم طرفان جوڙيل پارلياماني ڪميٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ، بچاءَ واري وزير خواجا آصف ۽ صلاحڪار راڻا ثناءُ الله کي نشان امتياز سان نوازيو ويو.
ان کانسواءِ اطلاعات واري وزير عطاءُ الله تارڙ، گهرو وزير محسن نقوي، احسن اقبال، شيري رحمان، فيصل سبزواري، مصدق ملڪ، حنا رباني کر، طارق فاطمي، خرم دستگير کي به سول اعزاز ڏنا ويا.
صدر طرفان جنگ ۾ پاڪ فوج کي فرنٽ تان ليڊ ڪرڻ ۽ بهترين جنگي حڪمت عملي جوڙڻ تي فيلڊ مارشل ۽ آرمي چيف عاصم منير کي هلال جرئت سان نوازيو ويو، جڏهن ته ڀارت کي فضائي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ تي چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل ظهير احمد بابر سڌو کي به هلال جرئت سان نوازيو ويو.
بحري سرحدن جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي اعتراف ۾ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف کي نشان امتياز عطا ڪيو ويو.
جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جنرل ساحر شمشاد مرزا کي نشان امتياز سان نوازيو ويو، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ کي ستارا بسالت عطا ڪيو ويو، جڏهن ته ڊي جي ملٽري آپريشنز ميجر جنرل ڪاشف عبدالله، ايئر وائس مارشل محمد اورنگزيب ۽ ريئر ايڊمرل شهزاد حامد کي تمغا بسالت سان نوازيو ويو.
You might also like