ڀارتي اداڪار اميتاڀ بچن جي ريئلٽي شو ”ڪون بني گا ڪروڙ پتي“ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڀارت جي آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان رڪارڊ ڪيل شو جي هڪ جهلڪ ڏيکاري وئي آهي.
شو ۾ ڪرنل صوفيا قريشي، ونگ ڪمانڊر ويوميڪا سنگهه ۽ ڪمانڊر پرينا ديوسهالي جي آجيان ڪئي وئي.
ڪلپ جي شروعات ڪرنل صوفيا سان ٿي، جيڪا هاٽ سيٽ تي ويٺي هئي، اميتاڀ سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان اهو ڪندو پئي آيو، تنهن ڪري جواب ته ڏيڻو هو ۽ آپريشن سندور جو پلان ڪيو ويو، جنهن تي اميتاڀ ڪنڌ لوڏيو.
اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ته ماڻهن ٺٺول شروع ڪري ڇڏي.
پاڪستاني واهپيدارن چيو ته جنگ هارائڻ کانپوءِ اهي ٽي وي شو تي پاڪستان سان مقابلو ڪندا، جڏهن ته ڀارتي واهپيدارن مودي جي سياست کي شرمناڪ قرار ڏنو.
هڪ ڀارتي واهپيدار چيو ته ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن سنجيده ملڪ ۾ فوجي ڪارروائي کانپوءِ اهڙي قسم جي ڳالهه ڏٺي آهي؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪنهن حاضر سروس شخص لاءِ ان جي اجازت ڏني وڃي؟ مودي سرڪار بي شرمي سان اسان جي فوجين کي پنهنجي سياست ۽ حد کان وڌيڪ قوم پرستي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي.
هڪ واهپيدار چيو ته اسان هڪ فوجي آپريشن کي ڪون بتي گا ڪروڙ پتي جهڙي شو تي فلم جيان ڇو پروموٽ ڪري رهيا آهيون؟ اهو گهڻو عجيب آهي.
You might also like