جيا بچن ويڙهي ڪڪڙ، بگڙيل عورت ۽ شرمندگي جي علامت آهي: ڪنگنا رناوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي حڪمران جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي پارليامينٽ ميمبر ۽ بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت، جيا بچن کي بگڙيل ۽ شرمندگي جي علامت قرار ڏئي ڇڏيو.
ويجهڙ ۾ سماج وادي پارٽي جي اڳواڻ جيا بچن جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، وڊيو ۾ نئين دهلي ۾ ڪانسٽيٽيوشن ڪلب ٻاهران هڪ همراهه جيا بچن کي ڏسي سندس ويجهو اچي سيلفي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جيا بچن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان همراهه ڌِڪو ڏيئي پري ڪري ڇڏيو.
پارليامينٽ ميمبر طرفان ڌڪو جي ڌڪ ڏيڻ بعد اهو همراهه مجبورن پوئتي هٽي ويو، پر ان دوران هن جيا بچن کان معافي پڻ گهري.
ان وڊيو تي ردعمل ڏيندي ڪنگنا رناوت انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪندي جيا بچن کي شرمندگي جي علامت قرار ڏنو.
ڪنگنا اسٽوري ۾ لکيو ته ” ماڻهو سندس بڪواس ان ري برداشت ڪن ٿا جو هوءَ اميتاڀ بچن جي زال آهي، جيا بچن سڀ کان وڌيڪ بگڙيل، مراعت يافته ۽ شرمندگيءَ جي علامت آهي.
ڪنگنا وڌيڪ چيو ته سماج وادي پارٽي جي ٽوپي ڪڪڙ جي مٿي موڙ وانگر لڳندي آهي ۽ جيا بچن هڪ ميل وڙهندڙ ڪڪڙ جهڙي لڳندي آهي .
ٻئي پاسي جيا بچن، ڪنگنا رناوت جي ان پوسٽ تي اڃا تائين ڪو به ردعمل ناهي ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.