اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻه طرفي واپار جي حجم ۾ 16 سيڪڙو واڌ جو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
ڳڻپ واري اداري پاران جاري ٿيل دستاويزن موجب گذريل مالي سال پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٻه طرفي واپار جو حجم 7 ارب 59 ڪروڙ 80 لک ڊالر رهيو، جڏهن ته آمريڪا کان پاڪستان ڏانهن درآمدن جو حجم 1 ارب 76 ڪروڙ 30 لک ڊالر رهيو.
ڳڻپ واري اداري موجب پاڪستان هڪ سال ۾ آمريڪا ڏانهن 5 ارب 83 ڪروڙ ڊالر جي شيون برآمد ڪيون ۽ گذريل مالي سال آمريڪا ڏانهن پاڪستان جي برآمدن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ٿي.
جاري دستاويزن موجب آمريڪا کان پاڪستان جي درآمدن ۾ گذريل سال 40 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته هڪ سال ۾ آمريڪا سان پاڪستان جو تجارتي سرپلس 4 ارب ڊالر کان وڌيڪ رهيو.
ڳڻپ واري اداري موجب آمريڪا ڏانهن هنڌ، ميز، ٽوائليٽ ۽ رنڍڻي جون چادرون برآمد ڪرڻ جو حجم 1.038 ارب ڊالر رهيو، جڏهن ته مرداڻي ڪپڙن، جيڪٽن ۽ ٽراؤزر جي برآمدون 936 ملين ڊالر رهيون.ان سان گڏوگڏ پاڪستان آمريڪا ڏانهن 36 ڪروڙ 10 لک ڊالر جي ٽي شرٽس ۽ 31 ڪروڙ 20 لک ڊالر جي جرسين ۽ پل اوورز برآمد ڪيا.
دستاويزن موجب آمريڪا ڏانهن چمڙي جي شين جي برآمدون 16 ڪروڙ 50 لک ڊالر رهيون، جڏهن ته پاڪستان آمريڪا ڏانهن 15 ڪروڙ 70 لک ڊالر جي عورتن جا ڪپڙا به برآمد ڪيا.
پاڪستان جون آمريڪا کان درآمدون
ڳڻپ واري اداري جي دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان آمريڪا کان سڀ کان وڌيڪ 39 ڪروڙ 30 لک ڊالر جي ڪپهه درآمد ڪئي، آمريڪا کان لڳ ڀڳ 16 ڪروڙ ڊالر جو لوهه ۽ اسٽيل جو اسڪريپ آندو ويو، جڏهن ته 13 ڪروڙ 70 لک ڊالر جي سويا بين ۽ 5 ڪروڙ 60 لک ڊالر جو ڪوئلو به درآمد ڪيو ويو.
پاڪستان آمريڪا کان 4 ڪروڙ ڊالر جون ڪمپيوٽر مشينون، 3 ڪروڙ 80 لک ڊالر جون پيٽروليم آئل شيون، 3 ڪروڙ 60 لک ڊالر جا اليڪٽروميڊيڪل اوزار درآمد ڪيا، جڏهن ته آمريڪا کان سڪل ميون جي درآمدات جو حجم 3 ڪروڙ 30 لک ڊالر رهيو.