ڪراچي( رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي 78 هين آزادي ڏينھن کي "معرڪوءِ حق” جي عنوان سان ملهائيندي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته آزادي ڏينھن فخر، شڪرگذاري ۽ ٻڌيءَ جو پيغام ڏئي ٿو۔ هي پروگرام ثقافت کاتي پاران معذور ماڻهن جي بااختياري واري کاتي (DEPD) جي سهڪار سان قائداعظم هائوس ميوزيم ۾ منعقد ڪيو ويو۔ تقريب ۾ صوبائي وزير ثقافت ذوالفقار شاهه، سيڪريٽري ڊي اي پي اي طهٰه فاروقي، سيڪريٽري ثقافت خير محمد، فلم اسٽار جاويد شيخ، ايوب کوسو ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته خاص ٻارن سان گڏ آزادي ڏينھن ملهائڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي۔ تقريب ۾ اسڪينوسا، سي آرٽس، دارالسڪون، نئين اميدِ سميت مختلف ادارن جا سؤ کان وڌيڪ ٻار شرڪت ڪئي جن هن موقعي کي خوشين ۽ رنگن سان ڀري ڇڏيو۔ وڏي وزير چيو ته اهي خاص ٻار ئي تقريب جي جان آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته هر شهري کي عزت، برابري ۽ موقعا ملڻ گهرجن، ڀلي سندس جسماني يا ذهني صلاحيت جيڪا به هجي. هن اعلان ڪيو ته خاص تعليم ۽ بحالي جا مرڪز سڀني ضلعن تائين وڌايا ويندا۔ معذور ماڻهن کي بااختيار ۽ خودمختيار بڻائڻ بنيادي مقصد آهي۔ هن چيو ته هر فرد جي منفرد صلاحيت کي سڃاڻڻ ۽ سنوارڻ ضروري آهي۔ ان مقصد لاءِ حڪومت خاص ٻارن لاءِ فني ۽ تخليقي تربيت جا پروگرام وڌائي رهي آهي ته جيئن اهي خود ڪفيل بڻجي سگهن ۽ روزگار حاصل ڪري سگهن۔ وڏي وزير موجب آرٽ، موسيقي، راندين ۽ تعليم جي شعبن ۾ خاص ٻارن کي موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن۔ هن يقين ڏياريو ته ابتدائي سڃاڻپ کان وٺي سماجي شموليت تائين سهولتن جو نظام وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي ۽ نجي ادارن ۽ غير سرڪاري تنظيمن سان سهڪار وسيع ٿي رهيو آهي۔ وڏي وزير آٽزم مرڪزن ۽ خاص تعليمي ادارن جي محنت، صبر ۽ جذبي جي واکاڻ ڪئي جن جي مهرباني سان زندگيون بدلجي رهيون آهن۔ هن چيو ته عوامي آگاهي وڌائڻ اڃا به هڪ وڏو چيلينج آهي، ۽ ميڊيا کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي۔ محنتي استادن جي خدمتن ۽ خاص ٻارن جي حوصلي کي ساراهيندي وڏي وزير والدين ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اهي پنهنجي ٻارن کي دستياب سهولتن مان فائدو وٺرائين۔ هن چيو ته آزادي ڏينھن کي شموليت ۽ اتحاد جو ڏينهن بڻايو ويندو ۽ سنڌ حڪومت جي پاليسين تحت ڪو به ٻار پوئتي نه رهندو۔ رنگا رنگ تقريب ۾ خاص ٻارن وڏي وزير سان گڏ قومي جهنڊو ڦڙڪايو۔ تقريب ۾ سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو ٻولين ۾ ثقافتي پروگرام پيش ڪيا ويا جڏهن ته ٻارن پنهنجو ٺاهيل موسيقي به پيش ڪئي۔ وڏي وزير اسٽيج تي ٻارن سان گڏ ٿيو.، قومي نغمو ڳايو، گروپ فوٽو ڪڍرايا ۽ آزادي ڏينھن جو ڪيڪ ڪٽي جشن کي وڌيڪ يادگار بڻايو۔ صوبائي وزير ثقافت ذوالفقار شاهه هن موقعي تي خاص ٻارن جي شرڪت کي ساراهيندي انهن جي حب الوطني جي جذبي جي تعريف ڪئي۔