تامل فلم انڊسٽري ۾ سُپر اسٽار رجنِي ڪانت جي فنِّي سفر کي 50 سال مڪمل ٿي ويا آهن، جنهن موقعي تي سندس مداح تمام جذبي سان جشن ملهائي رهيا آهن.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب رجنِي ڪانت کي خراج تحسين پيش ڪندي، ڪارتِڪ نالي هڪ مداح مدورائي ۾ سپر اسٽار جي نالي تي ٺهيل "رجنِي ڪانت مندر” کي 5,500 کان وڌيڪ تصويرن سان سينگاري ڇڏيو، ته جيئن انڊسٽري ۾ رجنِي ڪانت جي پنجاهه سالن جي مڪمل ٿيڻ جو انوکي نموني سان جشن ملهائي سگهجي.
رجنِي ڪانت جي ان "ڊائي هارٽ فئن” پنهنجي گهري محبت ۽ عقيدت جو اظهار عبادت جي صورت ۾ ڪيو ۽ مندر ۾ لڳل رجنِي ڪانت جي مورتيءَ کي رسم طور غسل به ڏنو.
هي مندر ڪجهه سال اڳ قائم ڪيو ويو هو، جنهن ۾ رجنِي ڪانت جو 300 ڪلو وزني بت موجود آهي. هي مندر مداحن جي ان جذباتي لاڳاپي ۽ نسل در نسل هلندڙ عقيدت جي علامت طور سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو هن اداڪار سان ماڻهن کي آهي.
ساوٿ سينما جي سپر اسٽار رجنِي ڪانت 1975ع ۾ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ اڄ تائين ڪاميابي سان جاري رکيو آهي. 74 سالن جي عمر ۾ به رجنِي ڪانت تامل سينيما جي اڳين قطار ۾ شامل اداڪارن مان هڪ آهي، جن 100 کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.