”بابر اعظم کي صورتحال پٽاندڙ کيڏڻ جو ڏانءُ اچي ٿو“

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم ايشيا ڪپ لاءِ اسڪواڊ ۾ بابراعظم جي واپسي جي حمايت ڪندي صلاح ڏني آهي ته کيس ٽئين نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ گهرجي.
ڪرڪٽ پاڪستان کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وسيم اڪرم چيو ته جيڪڏهن منهنجي هٿ ۾ اختيار هجي ها ته مان بابراعظم کي ضرور قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ شامل ڪريان ها، ڇو ته ايشيا ڪپ ۽ ان کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اچي رهيو آهي، جنهن لاءِ هڪ سينيئر بيٽر جي ضرورت آهي.
هن چيو ته شوقينن کي ياد هوندو ته جڏهن هن 2019 ۾ سمرسيٽ جي نمائندگي ڪئي هئي ته لڳ ڀڳ 150 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان رنسون ٺاهيون هيون، بابراعظم وٽ حالتن پٽاندڙ کيڏڻ جو ڏانءُ آهي.
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته جڏهن اسان 140 يا 160 رنسن جي ٽارگيٽ جو پيڇو ڪري رهيا هجون، خاص ڪري وڏين ٽيمن خلاف ته اهڙي وقت ۾ هڪ اهڙي رانديگر جي ضرورت هوندي آهي جيڪو ذميواري کڻي ۽ باقي 10 رانديگرن کي گڏ کڻي هلي.
وسيم اڪرم چيو ته بابراعظم دنيا جي بهترين رانديگرن منجهان هڪ آهي، هو پنهنجي راند کي فارميٽ ۽ ميچ جي حالتن موجب ايڊجسٽ ڪري ٿو، هو اڳ به ائين ڪري چڪو آهي ۽ مستقبل ۾ به ڪري سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته بابراعظم ۾ اڃا به گهڻي ڪرڪٽ باقي آهي ۽ هو پاڪستان لاءِ وڌيڪ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، سڀني کي سندس ساٿ ڏيڻ گهرجي.
هڪ سوال جي جواب ۾ وسيم اڪرم چيو ته ڪوچ کيس ڪنهن به نمبر تي کيڏائي سگهي ٿو، پر منهنجي راءِ ۾ بابراعظم لاءِ ٽئين نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ بهتر هوندو، ها پر صورتحال تي دارومدار هوندو، جيڪڏهن وڌيڪ اوورز بچيل هوندا ته ڪو ٻيو رانديگر اوپننگ لاءِ وڃي سگهي ٿو.
واضح رهي ته بابراعظم آخري ڀيرو ڊسمبر 2024 ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل کيڏيو هو، پنهنجي آخري 10 اننگز ۾ هن 236 رنسون ٺاهيون هيون جنهن ۾ ڪا به ففٽي شامل نه هئي.
بابراعظم کي گهٽ اسٽرائيڪ ريٽ جي بنياد تي ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو هو، پر هاڻ فخر زمان جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ سينيئر بيٽر جي واپسي لاءِ آواز اٿڻ لڳا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.