سنڌ جي جيلن ۾ هزار کان مٿي نين نوڪرين جي منظوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.
سنڌ ڪابينا جو اجلاس مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاڻ يونيورسٽين بدران ايم ڊي ڪيٽ امتحان آءِ بي اي سکر وٺندو.
وڏي وزير چيو ته گذريل ايم ڊي ڪيٽ امتحان ۾ ڪجهه بي ضابطگين تي داخلا پاليسي ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، شفافيت ۽ ميرٽ اسان جي پهرين ترجيح آهي.
سنڌ ڪابينا ٺٽي ضلعي جي ديهه مڪلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس جي قيام لاءِ 100 ايڪڙ زمين ڏيڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته سنڌ جي جيلن ۾ 1045 نئين جايون پيدا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ اي ايس آءِ، هيڊ وائرليس آپريٽرز، هيڊ ڪانسٽيبل، ڊرائيور ۽ جيل ڪانسٽيبل شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.