ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي، هتي جديد عدالتي نظام جو قيام اهم آهي.
ڊسٽرڪٽ بار ڪراچي جي وفد چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي چيف جسٽس ڪراچي ۾ ضلعي عدليا ۽ قانوني ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته ضلعي عدالتون عوام کي انصاف جي فراهمي جو بنيادي ذريعو آهن، ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي، هتي جديد عدالتي نظام جو قيام اهميت رکي ٿو.
ملاقات ۾ چيف جسٽس هر صوبي ۾ ايڊيشنل ريزيڊنٽ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو به اشارو ڏنو.
چيف جسٽس سان ملاقات ڪندڙن ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر عامر نواز وڙائچ، عبدالرحمان ڪورائي ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن جو ايڊيشنل ريزيڊنٽ سيڪريٽري سهيل مشوري به موجود هئا.
You might also like