ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ لڳاتار ٻئي ڏينهن به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 2 هزار 900 رپيا مهانگو ٿي 3 لک 62 هزار 200 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 2 هزار 487 رپيا واڌ بعد 3 لک 10 هزار 528 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي، عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 29 ڊالر چاڙهه سان 3395 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like