اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بحريا ٽائون طرفان ملڪيتن جي نيلامي روڪڻ لاءِ داخل ڪيل درخواستون رد ڪندي لکت ۾ مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالتي فيصلي ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) کي بحريا ٽائون جي ملڪيتن جي نيلامي جي اجازت ڏيندي واضح ڪيو آهي ته بحريا ٽائون جون سڀ درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون.
لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي موجب، عدالت طرفان 15 اپريل ۽ 4 جون تي جاري ڪيل عبوري حڪم (اسٽي آرڊر) واپس ورتا وڃن ٿا.
چيئرمين جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ هڪ صفحي تي ٻڌل مختصر فيصلو جاري ڪيو.
واضح رهي ته رهي ته ويجهڙائي ۾ بحريا ٽائون ۽ ان جي مالڪ ملڪ رياض خلاف ڪيترن ئي ڪيسن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
انهيءَ ڏس ۾ نيب بحريا ٽائون جي ٻن ڪارپوريٽ آفيسن سميت اربين رپين جي ڇهن ملڪيتن جي نيلامي لاءِ 7 آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪئي هئي.
بحريا ٽائون طرفان نيلامي روڪرائڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو هو، پر عدالت سندن درخواست رد ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته حڪومت بحريا ٽائون ۽ ملڪ رياض خلاف هڪ ارب 12 ڪروڙ رپين جي مبينا مني لانڊرنگ جا ثبوت هٿ ڪرڻ جو دعويٰ ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ ڪرنل خليل جي گرفتاري جي به تصديق ڪئي وئي آهي.