وانا: پوليس موبائيل ويجهو ڌماڪو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، پوليس اهلڪارن سميت 14 زخمي

وانا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا ۾ پوليس موبائيل جي ويجهو ڌماڪي سبب 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته پوليس اهلڪارن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڊي ايس پي عمران الله موجب، ڌماڪو رستم بازار وانا ۾ پوليس موبائيل جي ويجهو ريموٽ ڪنٽرول بم ذريعي ڪيو ويو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 2 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا ۽ پوليس اهلڪارن سميت 14 ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته ڌماڪي سبب پوليس جي گاڏي کي به نقصان پهتو.
ڊي ايس پي موجب، مڙهه ۽ زخمين ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال وانا منتقل ڪيو ويو آهي ۽ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڌماڪي جي مذمت ڪندي ٻن ڄڻن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته بيگناهه ماڻهن جو ناحق رت وهائيندڙ دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن.
گورنر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي ڪوشش آهي ته خيبرپختونخوا جي سمورن علائقن ۾ ڪم ڪجي، جڏهن ته ٻين تي فارم 47 جو الزام هڻندڙن کي پاڻ بابت به سوچڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.