لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف کي وڏو ڌڪ لڳي ويو، پي ٽي آءِ جي ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري ساجد قريشي پنهنجي ساٿين سميت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.
ساجد قريشي گورنر پنجاب سردار سليم حيدر خان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾ باقاعده شموليت جو اعلان ڪيو.
ان موقعي تي سردار سليم حيدر خان چيو ته عوام هڪ ڀيرو ٻيهر 5 آگسٽ تي تحريڪ انصاف جي احتجاجي سڏ کي رد ڪري ڇڏيو، عوام ۽ پي ٽي آءِ جا پنهنجا ڪارڪن به روز احتجاجن کان تنگ اچي ويا آهن، پاڪستان هاڻ ترقيءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ احتجاجن کي برداشت نٿو ڪري سگهي.
ساجد قريشي چيو ته هو ڊگهي عرصي کان پي ٽي آءِ سان سلهاڙيل رهيا پر وقت سان گڏ پارٽي جو رويو، بيانيو ۽ سياست جو طريقو ملڪ ۽ قوم جي مفادن جي ابتڙ ٿيندو ويو، هاڻ هو اهڙي جماعت جو حصو بڻجي رهيا آهن، جيڪا جمهوري قدرن، عوامي خدمت ۽ سياسي استحڪام جي علامت آهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي ۽ اميد آهي ته سندن سياسي جدوجهد هاڻ هاڪاري رخ ۾ اڳتي وڌندي.
You might also like