تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي ڳجهي ايجنسين جي اڳوڻن سربراهن سميت سوين رٽائرڊ سيڪيورٽي اهلڪارن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي اپيل ڪئي آهي ته هو غزا ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ اسرائيلي حڪومت تي دٻاءُ وجهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اڳوڻن عهديدارن سومر ڏينهن ميڊيا سان ونڊيل هڪ کليل خط ۾ لکيو آهي ته
اسان جو پيشيوراڻو فيصلو آهي ته هاڻ حماس اسرائيل لاءِ ڪو به اسٽريٽجڪ خطرو ناهي.
ان خط تي موساد جي ٽن اڳوڻن سربراهن تمير پاردو، افريم هالوي ۽ ڊيني ياتوم جون به صحيحون ٿيل آهن.
شن بيٽ سيڪيورٽي سروس جي اڳوڻي ڊائريڪٽر امي ايالون چيو ته پهريان هي جنگ منصفاڻي هئي، هڪ دفاعي جنگ هئي پر جڏهن اسان پنهنجا سڀ فوجي مقصد حاصل ڪري ورتا ته پوءِ هيءَ جنگ رڳو جنگ رهجي وئي.
ايالون خط سان گڏ جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ خبردار ڪيو ته جنگ پنهنجي 23هين مهيني جي ويجهو آهي ۽ اها اسرائيل جي رياست کي پنهنجي سلامتي ۽ سڃاڻپ وڃائڻ طرف وٺي وڃي رهي آهي.
شن بيٽ ۽ موساد جي اڳوڻن سربراهن سميت 550 ماڻهن پاران صحيح ڪيل خط ۾ ٽرمپ کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو وزيراعظم نيتن ياهو تي جنگبندي لاءِ دٻاءُ وجهي.
خط ۾ اڳوڻن عهديدارن ٽرمپ کي آگاهه ڪيو ته هو اسرائيلين جي اڪثريت ۾ ساک رکي ٿو ۽ نيتن ياهو تي جنگ ختم ڪرڻ ۽ يرغمال بڻايل ماڻهن جي واپسي لاءِ دٻاءُ وجهي سگهي ٿو.
غزا جنگ روڪرائڻ لاءِ اسرائيلي ڳجهي ايجنسين جا اڳوڻا سربراهه ميدان ۾ اچي ويا، ٽرمپ کي خط
You might also like