فخر زمان وري انجريءَ جو شڪار، ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز کان ٻاهر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپننگ بيٽر فخر زمان انجري سبب ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو.
فخر زمان هيمسٽرنگ انجريءَ سبب ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز نه کيڏي سگهندو، انجري سبب هو ويسٽ انڊيز خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ به نه کيڏيو.
اوپننگ بيٽر ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽوئنٽي ميچ دوران فيلڊنگ ڪندي زخمي ٿيو هو، فخر زمان واپس ڏيهه اچي اين سي اي ۾ ري هيب ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.