راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو، ٻيلهه سواري ۽ سياسي ميڙاڪن تي پابندي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي جي ضلعي انتظاميا 4 آگسٽ کان سڄي شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن تحت موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري سميت هر قسم جي سياسي ميڙاڪن، ريلين ۽ جلوسن تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي.
ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي ان سلسلي ۾ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب اهي پابنديون 4 آگسٽ کان 10 آگسٽ تائين لاڳو رهنديون.
نوٽيفڪيشن موجب قلم 144 تحت نه رڳو سياسي سرگرمين ۽ جلوسن تي پابندي هوندي پر شهرين کي هٿيار کڻي گهمڻ ۽ لائوڊ اسپيڪر جي استعمال کان به روڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ شهر جي اهم رستن تي رکيل رنڊڪون هٽائڻ وارن خلاف به سخت قانوني ڪارروائي جي تنبيهه جاري ڪئي وئي آهي.
انتظاميا جو چوڻ آهي ته اهي قدم امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ کنيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.