ٽرمپ سان بحث جو شوق ناهي پر جوهري بيان بازي بابت سڀ ڪنهن کي احتياط ڪرڻ گهرجي: روس

روس جي صدارتي محل ڪريملن طرفان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان روس جي ويجهو جوهري آبدوزون مقرر ڪرڻ واري حڪم تي پهريون ردعمل سامهون اچي ويو آهي.

روسي صدارتي ترجمان دمتري پيسڪوف، آمريڪي صدر کي جواب ڏيندي چيو آهي ته هر ڪنهن کي جوهري بيانبازي بابت احتياط ڪرڻ گهرجي.

ڪريملن جي ترجمان چيو ته اها ڳالهه اڳ ۾ ئي واضع آهي ته آمريڪي آبدوزون جنگي ڊيوٽي تي مقرر آهن.

هن وڌيڪ چيو ته هو ٽرمپ سان لفظي جنگ ۾ الجهڻ نٿا چاهين ۽ نه ئي ڪنهن قسم جي جوهري ڇڪتاڻ وڌائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.

صدارتي ترجمان دمتري پيسڪوف هن هفتي روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ آمريڪي خاص نمائندي اسٽيورٽ وِٽڪوف جي ملاقات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.