پلاسٽڪ انسانيت ۽ ڌرتي لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي، هوش ڪرڻو پوندو: تحقيق

پلاسٽڪ هاڻ انسانن ۽ ڌرتي لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي چڪو آهي، جنهن ڏانهن ڪو به سنجيده ڌيان نٿو ڏنو وڃي.

هڪ نئين تحقيق موجب پلاسٽڪ جي وڌندڙ پيداوار سبب دنيا کي سخت بحران سان منهن ڏيڻو پيو آهي، جيڪو نه رڳو بيمارين ۽ موت جي شرح وڌائي رهيو آهي پر سالياني 1500 ارب ڊالر جي صحت خرچن جو سبب به بڻجي رهيو آهي.

تحقيق موجب 1950 کان وٺي پلاسٽڪ جي پيداوار ۾ 200 ڀيرا واڌ ٿي آهي، جيڪا 2060 تائين ٽيڻ ٿيڻ جو امڪان آهي. خاص طور تي هڪ ڀيرو استعمال ٿيندڙ شين، جيئن بوتلون ۽ فوڊ ڪنٽينر، سبب گدلاڻ وڌي رهي آهي.

ڌرتي تي 8 ارب ٽن کان وڌيڪ پلاسٽڪ گڏ ٿي چڪو آهي، جيڪو مائونٽ ايورسٽ کان وٺي سمنڊ جي گهراين تائين ملي ٿو.

پلاسٽڪ جي تياري، استعمال ۽ نيڪالي سان زهر، ننڍڙا ذرا ۽ هوا جي گدلاڻ پکڙجي ٿي، جيڪي انساني جسم جي رت، دماغ، هڏين، ۽ ماءُ جي کير تائين پهچي وڃن ٿا.

اهو به ڄاڻايل آهي ته پلاسٽڪ سان جُڙيل ذرا فالج، دل جي دوري ۽ ٻين بيمارين سان واسطو رکن ٿا.

محققن زور ڀريو آهي ته عالمي سطح تي پلاسٽڪ بابت معاهدو ضروري آهي، جيئن انسانيت ۽ ڌرتي جي حفاظت ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.