کنڊ مهانگي ڪرڻ لاءِ ملي ڀڳت ڪندڙ 50 شوگر ملز، ٽربيونل جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي.
مسابقتي ڪميشن 2021ع ۾ شوگر ملز تي ڳٺ جوڙي ڪري کنڊ جا اگهه وڌائڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي 44 ارب رپين جو ڏنڊ هنيو هو.
شوگر ملز، ڪميشن جي فيصلي خلاف ٽربيونل سان رابطو ڪيو هو،
هاڻ ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ٿيڻ کانپوءِ ٻڌڻي جي تاريخ 22 کان 25 سيپٽمبر مقرر ڪئي آهي.
ڪميشن جو چوڻ آهي ته انصاف ڪرڻ لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آهي، هاڻ 22 سيپٽمبر کان روزاني جي بنياد تي بنا ڪنهن وڌيڪ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي ويندي.