پاڪستان، يهودين پاران مسلمانن جي پهرين قبلي مسجد الاقصيٰ جي بي حرمتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي، صهيوني قدمن کي انتشار پکيڙيندڙ ۽ ناقابلِ برداشت قرار ڏنو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار مسجد الاقصيٰ جي بي حرمتي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي قدمن سان دنيا ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، جيڪي انتشار ڦهلائيندڙ ۽ ناقابل برداشت آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيرن جي مسجد الاقصيٰ۾ موجودگي جو مقصد مذهبي جذبن کي ڀڙڪائڻ آهي، عالمي برادري کي گهرجي ته اسرائيل جي اهڙن عملن جو نوٽيس وٺي.
ترجمان چيو ته مسجد الاقصيٰ جي حيثيت بدلائڻ جا اسرائيلي ارادا خطي ۾ تباهڪاري ۽ پرتشدد صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا، تنهن ڪري عالمي برادري اسرائيل کي فوري طور تي جوابده بڻائي.
پرڏيهي کاتي موجب اسرائيل جا اهي قدم گڏيل قومن ۽ اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي قراردادن جي کليل ڀڃڪڙي آهن، عالمي ادارن کي گهرجي ته هو فلسطيني عوام جي حقن جو تحفظ ڪن.
ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان، فلسطيني عوام جي حق خوداراديت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام ئي خطي ۾ دائمي امن جي ضمانت آهي.