وزيراعظم جو گلگت دورو: ماحوليات واري وزارت آفت سٽيل علائقن لاءِ عالمي امداد آڻي: شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي واري وزارت ٻوڏ ۽ ٻين آفتن کان متاثر علائقن لاءِ عالمي فنڊز آڻڻ گهرجي، جڏهن ته ماحولياتي تبديليءَ جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

وزيراعظم شهباز شريف، گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان سان ملاقات ۽ ٻوڏ بابت جائزي واري اجلاس دوران خطاب ڪندي چيو ته هو گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ ۽ ڪلائوڊ برسٽ سبب ٿيل نقصان جو جائزو وٺڻ آيو آهي.

هن چيو ته ٻوڏ واري حالتن سبب جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک آهي ۽ وفاقي حڪومت گلگت بلتستان حڪومت سان مڪمل رابطي ۾ آهي.

وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي ڪاربان جي خارج ٿيڻ ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي، پر ان باوجود ملڪ موسمي تبديليءَ کان سخت متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي.

هن ياد ڏياريو ته 2022ع ۾ به ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي تباهي آندي ۽ اسان هر سال موسمي تبديليءَ جي اثرن سان منهن ڏئي رهيا آهيون.

شهباز شريف چيو ته ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ ضروري آهي. ماحولياتي تبديلي واري وزارت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ٻوڏ ۽ آفتن جي شڪار علائقن لاءِ عالمي فنڊز حاصل ڪيا وڃن، پر عالمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت باوجود اڃا تائين فنڊز نه ملي سگهيا آهن.

ان کان اڳ، وزيراعظم جي گلگت پهچڻ تي وڏي وزير گلبر خان ۽ گورنر مهدي شاهه سندس آجيان ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.