ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي بلديات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڳوٺاڻي نه پر سڀني وڏن شهرن جي پارٽيآهي. ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ سنڌ حڪومت اربين روپين جي لاڳت سان ترقياتي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ انشاالله هلندڙ مالي سال ۾ اهي سمورا منصوبا مڪمل ڪيا ويندا. ملير ۾ ملير يونين فٽبال اسٽيڊيم سميت ڪميونٽي سينٽرز ۽ ٻين مڪمل ڪيل منصوبن جو اڄ افتتاح ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ اهڙا ڪيترائي منصوبا آهن، جيڪي هن سال مڪمل ڪيا ويندا. ڪراچي ۾ پاڻي ۽ سيوريج لاءِ اربين روپين جا منصوبا آهن، انهن تي به تيزي سان ڪم جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينھن ملير ۾ ملير يونين فٽبال اسٽيڊيم جي افتتاح جي موقعي تي منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.تقريب کي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن راجا رزاق، سليم بلوچ، چيئرمين ملير ٽائون جان محمد بلوچ، امداد جوکيو، ٽائون چيئرمين ابراهيم حيدري, نظير ڀٽو ۽ ٻين به خطاب ڪيو، جڏهن ته ان موقعي تي شاهجهان خان، رياض بلوچ، ملڪ وهاب، مير ايوب بلوچ، ڊسٽرڪٽ ملير جي سمورين يوسيز جا چيئرمين ۽ ٻيا چونڊيل نمائندا، پيپلزپارٽي جا ضلعي عهديدار ۽ عوام جو وڏو انگ ۾ موجود هو. سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ شاهراهه ڀٽو کان وڌيڪ بهترين منصوبو ڪو به نه آهي، ڪي فور منصوبو اسان جي ڪري دير جو شڪار نه ٿيو. هن چيو ته هن سال پوري قوم جشن آزادي کي ”معرڪه حق“ سان انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي. اسان جي فوج تمام بهادري سان محاذ تي جنگ کٽي آهي. بلاول ڀٽو سفارتي محاذ تي جنگ کٽي آهي.