تون ڪهڙي ماءُ آهين؟ ڪراچي واسين تي ڇوهه ڇنڊڻ تي سينيئر اداڪارا غزالا جاويد حميرا جي ماءُ تي ڀڙڪي پئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سينيئر اداڪارا غزالا جاويد تازو هڪ انٽرويو دوران اداڪارا حُميره اصغر جي ماءُ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

حميرا  اصغر جي ماءُ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪراچي جي شهرين کي بي حس قرار ڏيندي چيو هو ته “اهو ڪهڙو شهر آهي، جتي لاش 10 مهينا پيل رهيو ۽ ڪنهن کي خبر ئي نه پئي.”

هن چيو ته فليٽ ۾ حميرا جي پاڙيسرين کي ڪيئن نه خبر پئي ته اتي لاش پيو آهي.

ان تي ناليواري اداڪارا غزالا جاويد سخت ردعمل ڏيندي چيو ته "ڪراچي جي ماڻهن کي ڇڏي ڏيو، اهو ٻڌايو ته توهان ڪهڙي قسم جي ماءُ هيا؟ ٻه عيدون گذري ويون، پر توهان پنهنجي ڌيءَ جي به سار نه لڌي.”!

غزالا جاويد چيو ته جيڪڏهن حميرا منهنجي ڌيءَ هجي ها ته مان فخر محسوس ڪريان ها، هوءَ باوقار ۽ باصلاحيت ڇوڪري هئي، جيڪا ستن سالن کان اڪيلي رهي پئي، پر ڪڏهن به ڪنهن غلط رستي تي نه وئي.”

هن چيو ته "جيڪڏهن حميرا نشو ڪري ها، ناجائز لاڳاپا يا مفاهمت ڪري ها، ته هن وٽ گهر، گاڏي ۽ سڀ ڪجهه هجي ها، پر هوءَ خوددار هئي.”

غزالا جاويد وڌيڪ چيو ته "منهنجون به ڌيئرون آهن، جيڪڏهن منهنجي ڌيءَ کي بخار به ٿئي ته مون کي ننڊ نٿي اچي. هڪ ماءُ پنهنجي ٻار جي تڪليف کي سڃاڻي وٺي ٿي.”

هن حميرا جي ماءُ پيءُ لاءِ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته "دنيا جا سڀ کان بدنصيب ٻار اُهي هوندا آهن، جن جي ماءُ انهن سان نه هجي.”

ياد رهي ته 8 جولاءِ تي ڪراچي جي هڪ فليٽ مان اداڪاره حميرا اصغر جي لاش ان وقت هٿ آيو هو جڏهن عدالتي بيلف گهر خالي ڪرائڻ لاءِ دروازو ٽوڙي اندر ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.